نغزه جهمر

نغزه جهمر: نغزه جهمر جا ٻه قسم آهن: (1) هيءَ جهمر ٻه ٽي ماڻهو ڌرتيءَ تي ذري گهٽ ليٽي هڻندا آهن (2) گهڻائي ماڻهو هڪ گول دائري ۾ به هيءَ جهمر کيڏندا آهن.
نغزه جا بند:
(1) گدڙ وي گور تي ڪائي سوني دي يار سوٽي وو!
گدڙڪون مار گهتيوني، ها ملڪين دي چوٽي وو !
هي نغزه تي هي نغزه!
(2) گدڙ دي گور (کَڏ) تي ڪائي سوني دي يار ٿالهي وو!
گدڙڪون مار گهتيوني ها ملڪين دا والي وو!
هي نغزه تي هي نغزه!
(3) گدڙي دي گور تي ڪائي سوني دي سِل (سِر) وو!
گدڙڪون مار گهتيوني، ها ملڪين دي هِل وو !
هي نغزه تي هي نغزه !


لفظ نغزه جهمرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو